ڏيڌڙو محمد خان استاد

ڏيڌڙو محمد خان استاد

استاد محمد خان ڏيڌڙو

استاد محمد خان ڏيڌڙو: مشھور ڍولڪ نواز خان ڏيڌڙو'>استاد محمد خان ڏيڌڙو، 1967ع ۾ مڱڻھار پاڙي، عمرڪوٽ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو استاد شڪور خان آهي. استاد محمد خان کي، ننڍپڻ کان ئي استاد راڳين سان دهل وڄائڻ جي سنگت نصيب ٿي، جن ۾ استاد رمضان علي، استاد گلزار علي خان سانگهڙائي وغيره شامل آهن. استاد محمد خان، استاد موسيقار لعل بخش خان ٻوڌر جي گهران شادي ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد ۾ ئي مستقل سڪونت اختيار ڪئي. سنڌ راڳي ويلفيئر ايسوسئيشن جو ميمبر/ عھديدار پڻ آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ڪيترو عرصو ڍولڪ ذريعي خدمتون انجام ڏنيون. اسلام آباد لوڪ ورثا، هندستان، چين، آسٽريليا، روس، لنڊن، پئرس ۽ ٻين ملڪن ۾ پڻ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. راڳين مان استاد امير علي، شفيع فقير، صادق فقير، تاج مستاني، حسنه پروين، استاد حميد فتح علي خان، فوزيه سومرو سان پڻ سنگت ڪري چڪو آهي. شاهه لطيف ۽ قلندر لعل شھباز ڪانفرنسن ۾ پڻ پرفارم ڪيو اٿس. ڪيترائي ملڪي توڙي غير ملڪي دورا الغوزه نواز اڪبر خميسي خان سان گڏجي ڪيا. ان کانسواءِ مختلف سنڌي ٽي وي چينلن تي پڻ پرفارم ڪري چڪو آهي. ڪي. ٽي. اين جي مشھور پروگرام ’سپر اسٽار آف سنڌ‘ ۾ پڻ ڍولڪ وڄائي چڪو آهي. هن وقت سخي پير ڪالوني، حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو